30/03/2026
ڇا واقعي ڪاڪ محل چڪلو ھو ؟ لطيفيات
مدھوش مير - جي وال تان کنيل
تصوير فيس بڪ جي ٿورن سان ڪاڪ محل جا کنڊرات عنوان هيٺان کنيل.......
شاھ صاحب جو دور سترھين صدي عيسويءَ جي آخر کان ارڙھين صدي عيسويءَ جي وچ تائين ٻڌل آھي، يورپ ۾ رومانويت جي لاڙي جي شروعات کان ڪيترائي سال پھريان شاھ صاحب اھو مظاھرو ڪري چڪو ھو پنھنجي شاعري جي روپ ۾ يورپ جي رومانوي تحريڪ انسانذات کي جيڪا داخليت ۽ فطرت جي قربت ملي اھا اڳ ئي شاھ صاحب وٽ موجود ھئي، شاھ صاحب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ رومانويت جو بانيڪار چئي سگھجي ٿو. مومل مارواڙ راڻي هئي، جيڪا حسن، عقل ۽ تدبير ۾ مشهور هئي. هن جي محل جو نالو ڪاڪ محل هو، جيڪو جادوءَ ذھني strategy ۽ فريبن سان ڀريل هو. جيڪو به مرد ان محل ۾ داخل ٿيندو هو، اهو مومل جي حسن ۽ محل جي فريب ۾ ڦاسي ويندو هو. راڻو مهندرا، ڪڏهن راڻو مهندرو مينڌرو به سڏيو ۽ لکيو وڃي ٿو، جنهن کي مومل جي حسن ۽ ڪاڪ محل جي ڪهاڻين جو چرچو ٻڌي تجسس پيدا ٿيو. هن محل ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ڪيترائي سورما ۽ راجپوت اڳ ۾ ئي ڪاڪ محل ۾ ڦاٿل هئا، پر مينڌري پنهنجي عقل، بهادري ۽ حڪمت عملي سان سڀ خطرا پار ڪري آخرڪار مومل تائين پهچي ويو.
جڏهن راڻو ۽ مومل مليا ته سندن وچ ۾ گهرو عشق پيدا ٿيو. پر سندن عشق ۾ شڪ، بدگماني ۽ فاصلي جا امتحان به اچي ويا. هڪ ڀيري جڏهن راڻو ڪاڪ محل پهتو ته مومل کي ڄڻ وڏو گناهه ڪندي ڏٺائين، معاجرا ڇا ھئي؟ جو مومل مينڌري جي غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻ سُومل کي مردانا ڪپڙا پارائي، کيس پاڻ سان سُمهاري دل پئي وندرايائين، اھو منظر ڏسي راڻو سخت دلشڪسته ٿي محل ڇڏي ويو. مومل ھتي شرمسار آھي، ڇو ته مومل جو نفسياتي مطالعو ڪندي ڪافي محققن مومل کي Le***an ليسبين ڪري بيان ڪيو آھي، جيڪو مٿي پاڻ پڙھي آياسين ته ھن سومل سان پئي دل وندرائي جنھن جي ھيٺ ڏنل بيت ۾ پڻ شرمساري جي شاھدي ملي ٿي، پر منھنجي نظر ۾ مومل Pansexual Woman ھئي، (ان تي اڳتي وضاحت ڪنداسين) ھن مھل مومل اعتراف ڪري ٿي، مان اصل ۾ عيبدار ۽ ڪميڻي ھيس، پر منھنجي پرينءَ مينڌري مون کي پردو ڏيئي ڍڪيو. ھن مون کي پناه جو پاند ڏيئي، خود مون کي ڪاڪ جي ماڻھن لاءِ رحمت جو ڪڪر ڪري ڇڏيو. ھتي ٻه ڳالھيون آھن مطلب منھنجو عورتن سان عشق رومانس ھيو تہ مينڌري اچي منھنجي صحبت ۾ منھنجو اھو ڏوھ لڪايو ٻئي ڳالھ تہ مونکي سومل سان سمھندي ڏسي به منھنجو عيب لڪايو ۽ تون مون کي ڪاڪ جي ماڻھن لاءِ رحمت جو ڪڪر ڪري ڇڏيو.
ڍولي ڍَڪِي آهِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي؛
ڏيئِي لِکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪَيائِينمِ ڪاڪِ جو.
ڪاڪ محل اصل ۾ ھيو ڇا ؟ مومل جھڙي حسين عورت کي ڪاڪ منڊل کان باهه تائين پڄائڻ واري قصي کي شاھ صاحب جماليات ۽ عشق جي عجيب اسرار ۾ رنڱي ظاهر ڪيو آهي، ڪاڪ محل ۾ سونھري رنگ جون سوڍيون، چانديءَ سان راند پيئون ڪن. سندن اوطاقن ۾ اگربتيون، چندن جي ٻوري جون بتيون پيئون ٻرن ۽ سندن کٽن ۾ مشڪ جون سرھاڻيون آهن. ھنن غسل خانن ۾ عطر سان ڀريل طس اوتي وڌا آهن. طلبگارن اُتي قطارون اچي لڳايون آهن ۽ سندن حسن ڏسي، عشق ۾ جلي، ڪباب ٿيو وڃن. ھو جانب جي ديدار لاءِ جوڳي ٿيا آهن. اجهي ٿا ڪاڪ جا رڱيل سنياسي مومل جي عشق ۾ رڱيل لاهوتي اچي سھڙن. ھن بيت ۾ ته شاھ صاحب بلڪل واضع ڪيو آھي ته ڪاڪ محل ۾ سون جي رنگ جھڙيون خوبصورت ڇوڪريون کلي عام منھن کولي دولت سان کيڏي رھيون آھن، جيڪا بلڪل مغلن ۽ انگريزن جي دور وارن چڪلن Brothel جي منظر نگاري آھي، جنھن ۾ نوجوان عاشق ھٿ ھٿ ۾ ڏئي گھمي ڦري پسند نا پسند جو ارادو ڪري رھيا آھن ته ڪھڙي ڪنھن کان سونھن ۾ گھڻي آھي، ته ان کي خريد ڪجي، ڪاڪ محل به لڊاڻو جي ڪنڌي تي ٻيڙائتن جي سھولتن لاء اھڙو آکاڙو ھيو جتي ھر قسم جي آزائش سان گڏ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا به ميسر ڪري ڏنا ويندا ھئا. جتي ايتريون سھولتون آھن ان ڪاڪ محل کي اسان House of Pleasure به چئي سگھون ٿا، عام طور تي هي اصطلاح Brothel چڪلو يا جنسي عياشي جي اڏي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جتي عورتون يا مرد گراهڪن کي جسماني خوشي ڏين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن House of Pleasure کي وسيع معنائن ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن ته عياشي، نشي، يا ڪنهن به قسم جي دنياوي لذت حاصل ڪرڻ جو مرڪز ھجي.
سونَ وَرنِيُون سوڍِيُون، رُپي رانديُون ڪَنِّ؛
اَگَرُ اوطاقُنِ ۾، کَٿُوريون کَٽُنِّ؛
اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مٿي طاقَ تَڙَنِّ؛
ٻاٽَنِ ٻيلون ٻَڌِيون، پَسِيو سُونھَن سَڙَنِّ؛
ٿِيا لاهُوتي لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَءِ پِريَنِّ؛
اِجهي ٿا اچَنِّ، ڪاڪِ ڪَڪوريِا ڪاپَڙِي.
جھڙا ويس گلاب جي گلن کي آهن، تھڙا لباس مومل ۽ سندس سرتين کي پھريل آهن. واه! واه! سندن چوٽا ھر دم چنبيليءَ جي تيل سان واسيل آهن. سندن حسن ڏسي، عشق کي ڏنگ ٿا لڳن. آتڻ ۾، ھن نازنين جا ويس وڳا ۽ ھار سينگار ڏسي، حيراني ۽ ماٺ وٺيو وڃي. ھتي مومل ۽ سندس سرتين جي حسن، لباس، خوشبوءِ ۽ سينگار جو اهڙو دلڪش منظر آهي، جيڪو نه صرف جماليات (Aesthetics) کي ڇهي ٿو پر نفسياتي طور جنسي ڇڪ (S*xual Arousal) جا اشارا به ڏئي ٿو. انساني نفسيات ۾ اهڙن منظرن کي (Erotic Symbolism) جنسي علامت جي منظرڪشي سڏيو ويندو آهي. جڏهن لباس (Dress) خوشبوءِ (Perfume/Fragrance) جسماني سينگار (Adornment) ۽ حسن جا جلوا شدت سان ظاھر ڪيا وڃن تہ اهي فرد جي لاشعور ۾ (Libido) جنسي توانائي کي سرگرم ڪن ٿا. خاص طور تي (Visual Arousal) رنگين ويس، گلن جون تشبيهون ۽ جسم جي سينگار ڏسڻ سان حواس جنسي طور تحرڪ ۾ اچن ٿا. اهو انساني دماغ ۾ جمالياتي لطف سان گڏ جنسي ڇڪ پيدا ڪرڻ جو گھرو ذريعو آھي (Olfactory Stimulation)چوٽن ۾ چنبيليءَ جي تيل جي خوشبوءِ جو ذڪر، دماغ ۾ (Pheromonal Response) پيدا ڪري ٿو، جيڪو انساني جنسي خواهش سان گهرو لاڳاپو رکي ٿو.(Erotic Idealization) مومل ۽ سندس سرتين جو حسن ايترو گھرو آھي جو اهو ڏسي انسان (S*xual Fantasy) جي حد تائين پهچي وڃي ٿو، جنهن ۾ حسن کي محض جمالياتي نه پر جنسي خواهش جو مرڪز محسوس ڪيو وڃي ٿو،
جَھِڙا گُلَ گُلابَ جا، تَھِڙا مَٿِنِ ويسَ؛
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، ھاها! ھُو! ھَميشَ؛
پَسيو سُونھَن سَيَّدُ چئي، نِينھَن اچَنِّ نيشَ؛
لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکرُ نہ اُڄَھي.
ھتي ماھر نفسيات لطيف سائين چوي ٿو اي مومل پنھنجي راڻي سوڍي سان ناتو ڳنڍي وري منھن نه موڙ تون رڳو راڻي سوڍي پنھنجي يار پويان ھل اھو به شوق ۽ محبت سان اي مومل! تون عام ماڻھن تي پنھنجي سونھن جي ائين وسڪار نہ ڪر، جئن مينھن وسڪار ڪندو آھي. نہ ته محشر مراد ڏکين ڏينھن ۾ تون سوڍي کي گهڻو ياد ڪندينءَ ڇو ته مومل جي محل ۾ لسڙاٽ ڇوڪرا ۽ ڇوڪرين عورت سان گڏ زناني لباس ۾ مرد به رھن ٿا تڏھن مومل (Pansexual Woman) طور نظر اچي ٿي. ھن بيت ۾ مومل کي عام ماڻهن تي وسڪارڻ کان خبردار ڪيو پيو وڃي، ته اهو ڇرڪ ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته هو جنس يا جنسيت جي پابند رھي. ھر ڪنھن مٿان ڪڪر جيان وسي نه پوي بيت ۾ شاھ صاحب مومل کي خبردار ڪري ٿو ته هو پنهنجي راڻي سوڍي سان تعلق مضبوط رکندي، ٻين سان پنهنجو حسن سنڌيءَ ۾ "سونھن" ائين وسڪار نه ڪري جيئن مينهن وسڪار ڪندو آهي. اهو هڪ قسم جو نفسياتي حد بنديءَ جو اصول آهي، جيڪو ھتي شاھ صاحب بيان ڪري ٿو: مومل کي ٻڌايو پيو وڃي ته سندس جذباتي ۽ جسماني توانائي کي سنڀالڻ گهرجي، بيهوده ۽ عام ماڻهن تي نه خرچ ڪرڻ گهرجي.
سَڱُ ڪري سين سِينھَنِ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين؛
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتُون مَنجهان نِينھَن؛
اِنءَ مَ وَسجِ عامَ تي، جِئَن مُومَلَ! وَسَنِ مِينھَن؛
سندي حَشَرَ ڏينھَن، سوڍو سارِيندِينءَ گهَڻو.
ماھر نفسيات شاعر شاھ صاحب جو سر مومل راڻو رسالي جو سڀ کان وڌيڪ جذباتي ۽ جمالياتي سُرن مان هڪ آھي. هن سر ۾ عورت جي حسن، جنسي ڇڪتاڻ، وصل جي خواهش ۽ عشق جي شدت اهڙي ڪيفيت ۾ پيش ٿئي ٿي جو پڙهندڙ کي عورت جي اندروني دنيا محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. مومل جو حسن سڄي ڪهاڻيءَ جو مرڪز آھي. هن جو چهرو، اکين جي ڇنڊ، بدن جي تپش ۽ گفتگو سڀ مينڌري لاءِ ڇڪتاڻ جو سرچشمو بڻجي وڃن ٿيون. شاھ وٽ حسن ڪنهن جامد صورت ۾ ناھي، پر اها هڪ اهڙي باهه آھي، جيڪا عاشق جي دل ساڙي ڇڏي ٿي. ھيٺئين بيت ۾ شاھ صاحب وري ٻئي ڪيفيت بيان ڪري ٿو، فرمائي ٿو ساري رات بتي جلائيندي، اسر جي سوجهري اچي شاخون ڪڍيون آهن. اي راڻا! مينڌرا! تون ڌڻيءَ جي واسطي واپس ور. مان تو بنا مريو ٿي وڃان. تنھنجي سڪ ۽ ڳولا ۾، مون ڪاڪ جا ڪانگ اُڏايا آهن. مينڌرو جڏھن مومل کي سومل سان ستل ڏسي ڪاوڙيو ھليو ويو ته مومل وٽ عجيب بيقراري انڪساري اچي وڃي ٿي، ھتي شاھ صاحب ان ڪيفيت جو اظهار ڪري ٿو،
شَمَعَ ٻاريندي شَبَّ، پِرِھَ باکُون ڪَڍِيُون؛
موٽُ، مَران ٿِي مينڌِرا! راڻا! ڪارڻِ رَبَّ؛
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَّ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
ھتي شاھ صاحب فرمائي ٿو جوڳين کي ڪاڪ محل جي طلسم ڪين روڪيو ۽ نہ وري ھنن کي محلاتن ئي ھرکايو. ھو سانئڻين توڙي ڪنيزن (داسين) جي سونھن جي ڄار ۾ ھرگز نہ ٿا اڙجن. ھاڻي ان سرور جا موالي اهڙيون لکين صورتون ڏسي به ڌيان نٿا ڏين، مينڌري جي رسڻ کان پوء مومل جي مرجھايل ڪيفيت سڄي ڪاڪ محل جو ماحول بگاڙي ٿي تنھن ڪري اتي ھاڻي عام درفت اچڻ وڃڻ گھٽجي وڃي ٿي، سھڻيون عورتون پاڻ سينگاري مردن کي سڏين ٿيون، تڏھن بہ ھو نٿا اچن. مومل جي ان ڪاڪ محل واري ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسي ٿو،
ڪاڪِ نہ جَهلِيا ڪاپَڙِي، موھِيا نہ مَحلَنِّ؛
ٻايُنِ ۽ ٻانِھِيُنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِّ؛
لکين لاهُوتِينِ، اَھِڙِيُون اورِيان ڇَڏِيُون.
مينڌرو ھتي مومل کان رسي ڪاڪ محل لاء ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري ٿو، ساڳي ريت جئين جرمني جي مشھور عورت ليسمينڊ لاء پکيڙي وئي ھئي ته ان جي ڪسينيو ڪلب ۾ ڪير به نه وڃي Lesmenda وٽ ڪم ڪندڙ تمام عورتون مختلف بيمارين ۾ ورتل آھن، اصل ۾ جنھن اھا ڪوڙي پروپيگنڊا پکيڙي ھئي ان ليسمينڊ کان جوا ۾ پنھنجي سڄي ملڪيت ھارائي ھئي ۽ بدلي ۾ غلط پروپيگنڊا جو ليسمينڊ جي ڪلب تي ايترو برو اثر پيو جو مجبورن ھو ڪنگال ٿي ڪلب بند ڪري وئي، ھتي مينڌرو به اھڙي پروپيگنڊا شروع ڪري ٿو، جنھن کي ماھر نفسيات شاھ صاحب ھن ريت بياني ٿو تہ جوڳي مراد مينڌرو ٿو چوي سوڍيءَ جي تارن ۾ رڪ جھڙيون ڪھاڙيون آهن. ھوءَ اُنھن سان راجائن کي زور دار ڌڪ ٿي ھڻي. ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي، پرڏيھي عاشقن جون تربتون ڏسو. جن کي مومل جي عشق نھوڙيو ماريو آھي.
گُجَرِ کي گَجميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون؛
ھڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَريُون زَبَرُون؛
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيھِيُنِ جُون.
پروپيگنڊا دور قديم کان ھلندڙ آھي، ان جو ادب ۾ به وڏو ڪردار رھيو آھي (Joseph Goebbels) نازي فوج ۾ پروپيگنڊا جو منسٽر ھيو، Minister of Propaganda ھٽلر سان ايڏو سچو ۽ وفادار ھيو، جو ھن ھٽلر سان وچن ڪيو ته جنھن ڏينھن تون نه ھوندين جوزف پنھنجو نقش نشان صفحہ ھستي تان گم ڪندو، جڏھن 30 اپريل 1945 تي هٽلر جو موت ٿيو ٺيڪ، ان کان ٻه ڏينهن پوءِ يعني 1 مئي 1945 تي جوزف گوبلز ۽ سندس زال مئگدا Magda Goebbels به برلن جي بَنڪر ۾ پنهنجا ڇهه ٻار زهر ڏئي ماري ۽ پوءِ پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي. مئگدا به پنھنجي قائد ھٽلر سان وفادار ھئي، - ايني فرينڪ جي ڊائري جيڪا خود پروپيگنڊا جي زمري ۾ اچي ٿي، ھتي مينڌرو به مومل سان اھڙو حشر ڪري ٿو ھو ڪاڪ محل لاء ايتري ته پروپيگنڊا ڪري ٿو ۽ چؤي ٿو تہ ھوشيار ٿيجو شوخ چشم مومل، امير شڪارين کي بہ ماريو فنا ڪريو ڇڏي. سوڍيءَ گهڻيئي ڏاها، پنڊت ۽ پير ڪنبائي ڇڏيا. ھوءَ اُنھن کي ٻاڻ تير ٿي ھڻي، جن کي سرن تي ڇٽ تاج ۽ موڙ پھريل آهن.
مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِيُنِ کي آڪِري؛
سوڍِيءَ گهڻا سَڪائِيا، پَڙھِيا پَڻِتَ پِيرَ؛
ھَڻي تِنِ کي تِيرَ، مَڻِيو جن مَٿَنِ ۾.
اھڙي پروپيگنڊا جو ڪاڪ محل تي وڏو منفي اثر پيو، ھاڻي مومل مينڌري کي بيحد ساري پڪاري ٿي ته اي راڻا! مان بسترن ۽ ڪمرن کي ڏسيو، ڳوڙھا پيئي ڳاڙيان. کٽن تي دز چڙھي ويئي آهي ۽ پلنگ جهونا بي رونق ٿي ويا آهن. وھاڻا رکي رکي ئي ڌوڙ سان لٽجي ويا آهن. عمارتون، گل ۽ عطر عنبير ۽ وڻ ٽڻ ڀتار کان سواءِ، رنگ ۽ رونق ڇڏي ويا آهن. اي راڻا! تو کان سواءِ مان ڪنھن سان انگل آرا ڪنديس. ھتي ماھر نفسيات شاھ صاحب اھو احساس ڏيکاري ٿو مومل جي ڪيفيت ۾ تي ڪئين نه انسان رونقون وڃڻ کانپوءِ بيگانيت جو شڪار ٿي وڃي ٿو، مينڌرو مومل سان ستو به صحيح عورت نفسياتي طور مرد کي آخري احساس اھو ڏياريندي آھي، جنھن ۾ ھڪ بستر تي طويل ڪچھريون ۽ رومانوي راتيون گذاريندي آھي، ھن وقت ساڳي ڪيفيت بيان ڪري ٿي مومل من مينڌرو پرچي پئي ته ساڳيون رونقون بحال ٿين ۽ ڪاڪ محل وري پنھنجو جوڀن ماڻي، تڏھن ٿي ليلائي مومل تہ اي راڻا! مان بسترن ۽ ڪمرن کي ڏسيو، ڳوڙھا پيئي ڳاڙيان. کٽن تي دز چڙھي ويئي آهي ۽ پلنگ جهونا بي رونق ٿي ويا آهن. وھاڻا رکي رکي ڌوڙ سان لٽجي ويا آهن
رُئان ٿي، راڻا! ھَنڌَ نِھاريو حُجِرا؛
پيئِي کِيھَ کَٽُنِ تي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا؛
ڌَرِيائِي ڌُوڙا ٿِيا، وَرَ رِءَ وِھاڻا؛
جايُون، گُلَ، جَباتَ، وَڻَ، تو رِءَ ڪُوماڻا؛
مينڌِرا! ماڻا، تو رِءَ ڪَندِيَسِ ڪِنِ سين.
نه ٿو پرچي مينڌرو ھتي ماھر نفسيات شاھ صاحب اھا اتنظار جي اذيت بيان ڪري ٿو ته اھا انتظار جي تڙپ شدت ڏينھنون ڏينھن وڌي ٿي، ان اذيت کي شاھ صاحب مومل زباني بياني ٿو تہ ڪتيون تارن جا ميڙ وچ آڪاس تان لڙي ويئون. راڻو رات مون وٽ نہ آيو. سندس اچڻ جي مھل ٽري ويئي. اُها کوري کانئي رات ٻن پوي، جا جانب کان سواءِ گذارڻي پوي. منھنجو پرين راڻو مون کي ڏھاڳ جو ڏنڀ ڏيئي، پاڻ وڃي ڍٽ ۾ آرامي ٿيو. ھتي عام طور ميار سان گڏ ڪاوڙ جو اظھار به آھي، سڄي رات جنھن جي انتظاري ۾ گذارجي ۽ ھو نه اچي پاڻ وڃي ڍٽ ۾ آرامي ٿيو ھجي، ته يقينن انسان اندر ٻه ڪيفيتون جنم وٺنديون ڪاوڙ ۽ ڏک ميار ماھر نفسيات (Alfred Kinsey) چوي ٿو ھڪ رات جا مرد سان گذرڻ جي ارادي واري ھجي اتي مرد جو نہ اچڻ عورت لاء اھو سور آھي، جئين جھرڪي جا ٻچا ڪو پکي آکيري مان کڻي وڃي، جئين طويل سفر بعد پاڻي جي آس ھجي ۽ ان پاڻي ۾ ٿوھر جا ڪنڊا پيل ھجن يا بک جي ستايل اڳيان اڪ جا پن رکجن، تئين ھتي مومل کي به ساڳيو سور آھي، تڪليف ۽ پيڙاء جا ماھر نفسيات شاھ صاحب پنھنجي انوکي انداز ۾ بيان ڪئي آھي،
ڪَتنِ ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙُو اُڀا ٽيئِي؛
راڻو راتِ نہ آئِيو، ويلَ ٽَري ويئِي؛
کوءِ سا کاڻِي راتِڙِي! پِريُن ري پيئِي؛
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وڃِي ڍولو ڍَٽِ قَرارِيو.
مومل جي اھڙي شدت سان راڻي کي ياد ڪرڻ واري ڪھاڻي پويان به اھڙو پسمنظر آھي، هي بيت مومل جي نفسياتي حالت کي ظاهر ڪري ٿو، جتي هوءَ خفيه جنسي ۽ رومانوي تسڪين (hidden sexual pleasure) کان پوءِ هڪ گروهي مقابلي واري فخر (competitive pride) ۾ داخل ٿئي ٿي. مومل لاءِ “لوڪ سُتي” جو مطلب آهي سماج جي نظرن کان لڪل عمل، جڏهن ته “راڻي جا مون سان رھاڻ ڪئي” ان ۾ هوءَ پنهنجي فتح ۽ خوشي کي نمايان ڪري ٿي. نفسياتي طور هن ۾ (Desire for validation) تسليم ٿيڻ جي خواهش موجود آهي، مومل چاهي ٿي ته سندس سهيليون هن جي ڪاميابي جو شعور رکن. (S*xual satisfaction) جنسي تسڪين کان پوءِ ايندڙ ego boost انا جو وڌڻ هن جي ڳالهين ۾ محسوس ٿئي ٿو. اوھان مان ڪا بہ ننڊ نه ڪري جملو (jealousy arousal) رشڪ پيدا ڪرڻ جي نفسيات ڏيکاري ٿو، يعني هوءَ ٻين ۾ حسد ۽ تجسس پيدا ڪري پنهنجي اهميت وڌائڻ چاهي ٿي. مومل ان مزي کي بيان ڪري ٿي ته لوڪ سُتي، راڻي جا مون سان رھاڻ ڪئي. سا جي پڌري ٿئي تہ، اي جيڏيون! اوھان مان ڪا بہ جيڪر ننڊ نہ ڪري.
سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مون سين ڳالهہ ڪَئِي؛
سا جي پَڌَرِ پوءِ، تہ سَرتِيوُن ڪا نہ سُمِهي.
اي پرين! تون پرچي، سڪندي جي اڱڻ اچ. اي منھنجي جيءَ جا جيارا! مان ھڪ ساعت بہ تنھنجو پاڻ کان پري رھڻ سھي نہ ٿي سگهان. تون نينھن جا نيزا (دل چيريندڙ نگاهون) ھڻ تہ من منھنجو درد دور ٿئي. ھن بيت جي نفسياتي جائزي ۾ هڪ شدت واري عاشقانه وابستگي (intense romantic attachment) بيان ٿيل آھي، جتي عاشق جي سڄي نفسياتي دنيا محبوب جي موجودگي تي دارومدار رکي ٿي. (Attachment Theory) جي روشني ۾ (Mary Ainsworth / Bowlby) هتي anxious-preoccupied attachment پريشان وابستگي صاف نظر اچي ٿي، جتي عاشق لاءِ محبوب کان الڳ ٿيڻ سخت اذيت بڻجي وڃي ٿو. مان ھڪ ساعت بہ تنھنجو پاڻ کان پري رھڻ سھي نہ ٿي سگهان” جذباتي انحصار (emotional dependency) جو اشارو آهي. (Margaret Mahler) جي (Separation–Individuation Theory) مطابق عاشق محبوب کي پنهنجو (self-object) سمجهي ٿو، يعني پاڻ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻئي جي موجودگي ضروري لڳي ٿي. نينھن جا نيزا دل چيريندڙ نگاهون (erotic) (aggression) ۽ (romantic pain) ٻنهي جو ميلاپ ڏيکارين ٿا، جتي عشق ۾ درد به لذت بڻجي وڃي ٿو، هي بيت پريشاني ڀري محبت، ذاتي سڃاڻپ جي گهٽتائي ۽ محبوب جي موجودگيءَ ۾ نفسياتي آرام ڳولڻ جي علامت آهي، جيڪا جديد نفسيات ۾ (anxious love pattern) جو بهترين مثال آهي.
اَڱَڻُ آءُ اُڪَنڍِيين، پرچِي پِيارا!
پَلَڪَ پَراهُون نہ سَھَنءِ، جِيءَ جا جِيارا!
نِينھان نيزارا، سَڃِ، تہ مانَ سُورُ لَھي.
شاھ صاحب جو ڪيڏو نه وڏو نفسياتي علم تي ضابطو آھي، هي بيت اندروني جلن، حسد ۽ بي وسي جو عڪس آهي. ڳالهائيندڙ لاءِ بسترا ۽ جڳھون صرف جسماني نشان نه پر ڏک ڏيندڙ يادون بڻجي ويا آهن، جيڪي محبوب جي بي وفائي يا پري ٿيڻ جو احساس ٻيهر جاڳائين ٿا. “جان جلي پيئي” شدت واري اندروني تڪليف ۽ ساڙ کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته “واپس ورڻ جي نہ ڪئي” ڇڏي ويل جي تڪليف ۽ رد ٿيڻ جي اذيت ڏيکاري ٿو. نفسياتي طور هي حالت شديد حسد، ڇڏي ويل جي ڊپ ۽ پاڻ کي گهٽ سمجهڻ واري احساس جو نتيجو آهي، جتي يادگيريون مسلسل زخم کي تازو ڪن ٿيون ۽ دل کي سڪون نٿو ملي. تون اچي منھنجون اهي ئي پٿرڻيون، طول ۽ وھاڻا ڏس. پرينءَ جا ورتايل استعمال ڪيل بسترا ڏسيو، منھنجي جان جلي پيئي. ھڪ مائٽاڻا تاب سھڻا ٿا پون، ٻيو راڻي، واپس ورڻ جي نہ ڪئي.
پَسُ توشَڪُون، تَڪِيا، سيئِي وِھاڻا؛
پَسِيو ھَنڌَ، پَچي ھِنئون، جي حَبِيبَنِ ھاڻا؛
ھِڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻا، ٻِيو موٽِيو تان نہ مينڌِرو.
ھاڻي اھڙي شدت کي مومل سرتيون توڙي سڀ سارين ٿيون اھو محل جيڪو ھاڻي سڃو ٿو لڳي ڪڏھن ان جي ھاڪ ھوندي ھئي تہ ھلو، ھلو ڪاڪ جي تڙن تي جتي عشق ٿو گهڙجي. ڪاڪ محل عشق جو ضرب خانو آهي اُتي نہ رات آهي نہ ڏينھن، ھر ڪو جانب جو ديدار ٿو ڪري ھاڻي مينڌري جي رسڻ کان پوء اھي ھوڪا بند ٿي ويا آھن، ايڏي رنگين ۽ رومانوي محل ۾ ھاڻي مومل ۽ سومل سندس سرتيون ويڳاڻيون ويٺيون آھن، بيگم جان فلم جو ھڪ ڊائيلاگ آھي جڏھن ورھاڱو ٿيندو آھي ته بيگم جان جي حويلي Brothel به ان نقشي ۾ اچي ويندي آھي جتي ان جو اڌ حصو پاڪستان ۽ اڌ حصو ھنڌستان ۾ تقسيم ٿيندو آھي، پر بيگم جان چوي ٿي : ھن حويلي جون ديوارون منھنجي داسين جي سرخين سان سينگاريل آھن، جان ڏيڻي پوندي پر حويلي نه ڇڏبي ساڳئي طرح ھن وقت مومل ان ڪشمڪش ۾ آھي.
ھَلو، ھَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گهَڙِجي نِينھُن؛
نہ ڪا راتِ نہ ڏِينھُن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.
اڳ جتي ماڻھن وٽ ڪاڪ محل لاء اھا سوچ ھئي ته ڪاڪ محل ۾ اکڙوٽ، ڊاکون، چندن جا عمدا وڻ ۽ ڪنول گل رونق لايو بيٺا آهن. اُٺ راڻي جي ڪرھي اُنھن جو ساءُ ماڻيو، جتي ڀونر بہ نہ ٿا گهمي گنجارون ڪن. سٽ ڏيئي ھل تہ ڪاڪ محل جون سندر ڪماريون (مومل ۽ سندس ڀينرون) ۽ ڪنول گلن جو لقاءُ ڏسون. ھاڻي اتي ويراني جي ڄار ڪاڪ محل کي گھيري ڇڏيو آھي، اھڙي تڪليف ۽ روئداد کي ماھر نفسيات شاھ صاحب پنھنجي ڪمال ۽ جمال سان پيش ڪيو آھي، جرمن عالم Ernest Trumpp انيست ٽرمپ تڏھن ته چيو شاھ صاحب انساني امنگن سوچ ويچار ۽ پيچيده ڪيفيتون بيان ڪرڻ ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪيو آھي،
آکُون، ڊاکُون، سِرَکَنڊَ شاخُون، جِتِ چَوکا چَندَنَ ڪَؤنرَ؛
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نہ ڀِرَنِ ڀَؤنرَ؛
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاهِ تہ پَسُون ڪاڪِ جا.
مومل جڏهن ڏٺو ته سندس سڪ، ساڻس ڳالهيون، ۽ بي حساب منٿون به مينڌري کي واپس آڻڻ ۾ ناڪام ٿيون، تڏهن هن جي زبان مان اهڙا تِير نڪتا، جيڪي مينڌري جي غرور کي ڇڏي نه سگهيا. هوءَ چوڻ لڳي ته جيڪو ماڻهو عشق جا قسم کڻي به عهد ڀڃي، اهو رڳو نالو مرد رکي سگهي ٿو، پر دل جي سچائيءَ ۾ خالي آهي. مومل جي ميار ۾ ڏک به هو، محبت جو ساڙ غم ۽ غصو به، ۽ هڪ اهڙي باهه به جنهن ۾ سندس سڄي وفاداري سڙي رهي هئي. هن جا لفظ مينڌري کي ياد ڏيارڻ لاءِ هئا ته محبت صرف ساٿ جو نالو ناهي، پر قرباني، قدر ۽ دل جي سچائيءَ جو امتحان به آهي. جن جي منھن ۾ ھڪ نڪ نہ، پر نڪن جون نھائيون آهن. جئن نھائين ۾ ڪيئي ٿانو ھوندا آهن. تئن نر لڄِن جي منھن ۾ ڪيئي نڪ آهن. جي اُتان ھڪڙو نڪ وڍيو تہ اُنھن کي ڪھڙي ڪمي؟ ھو شرمائڻ سان بہ نہ ٿا شرمائجن. اُهي، جن جي عزت ۽ آبرو مسڪينيءَ ۾ بہ قائم آهي. سي اڻ ھوند ۾ بہ پيا سونھن. سٺا پيا لڳن ھي مومل طنزيه انداز ۾ مينڌري کي ميار ڏيئي ٿي ته توکي ڪاڪ محل جو پٽ پوشاڪ نرم ھنڌ بسترا ۽ خوشبودار ڪمبل ۽ ڪمرا نه وڻيا سھڻيون سرتيون ڪاڪ جو داسيون به توکي نه وڻيون ھان تون پنھنجي مسڪيني ۾ سونھي ٿو.
جنين سندي مُنھَن ۾، نِھائِيُون نَڪَنِّ؛
تِئان وَڍِيو ھيڪِڙو، تہ ڪَھڙو ٿورو تَنِّ؟
سي مَرُ سُڃا ئِي سُونھَنِّ، جن ڀلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.
شاھ صاحب ماھر نفسيات جو ھن جو ھر ھڪ سر پنھنجي جوھر ۾ وڏي معني رکي ٿو ھن سر ۾ جمالياتي شعور ادب ۽ فن اچي وڃن ٿا، جديد انساني تاريخ ۾ باضابطا طور پھرين Aesthetics جو اصطلاح ھيگل استعمال ڪيو، پر اھو تصور قديم يونان ۽ مصر تائين گھڻو اڳ ئي موجود ھيو شاھ لطيف جي وفات 1752 ۾ ٿي آھي، شاھ لطيف جي وفات کان 18 سال پوء يعني 1770 ۾ ھيگل جو جنم ٿيو آھي، تنھن ڪري پاڻ شاھ صاحب کي جماليات جو اھم باب چئي سگھون ٿا، شاھ جي وفات کان 145 سال پوء Georges Bataille پيدا ٿيو جنھن جماليات کي سيڪس جو اهم جز قرار ڏنو، سندس ڪتاب “Eroticism: Death and Sensuality” اهو سڌيءَ طرح چوي ٿو ته جنسي تجربو حسن (Beauty) ۽ فن (Art) جي تخليق ۾ بنيادي طور جمالياتي عنصر شامل آهي. جماليات (Aesthetics) ۽ جنسيات (S*x) جي لاڳاپي تي ڪيترن ئي وڏن فلسفي ۽ ليکڪن بحث ڪيو آهي، پر سيگمنڊ فرائيڊ (Sigmund Freud) ۽ جارجئس بٽائيلي (Georges Bataille) خاص طور نمايان آهن جن سيڪس کي جماليات جو مرڪزي جز قرار ڏنو. ھتي سر مومل راڻو عشق ۽ جنسي خواهش جو جاندار سر آهي. عورت جي حسن، بدن جي ڇڪتاڻ، وصل جي خواهش، اکين جي ڇنڊ، سينگار ۽ خوشبو سڀ گڏجي هڪ اهڙو جمالياتي منظر ٺاهي ٿو جتي عشق ۽ جنس گڏيل ٿي وڃن ٿا. شاھ صاحب جو ڪمال اهو آهي ته هو عورت جي جنسي خواهش کي اهڙي لطافت ۽ جمال سان پيش ڪري ٿو جو اها فحش ناھي پر فلسفو بڻجي وڃي ٿي. وري به راڻي کي پرچائي ٿي راڻي مٿان منھنجو تن ۽ ڌن قربان! مان سندس مٿان لڊاڻو گهوري ڇڏيان. شل راڻو ھن قربان ٿيل مسڪين سان رسي نہ وڃي. اي راڻا! مينڌرا! فدا ٿيلين سان ماڻو (روسامو) ڪرڻ واجب نہ آهي. مومل جي زندگاني راڻي کان سواءِ خالي ٿي وئي. هن ڪيترائي دفعا راڻي کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهي. آخرڪار مومل ۽ راڻو ٻيهر مليا، پر سندن عشق جي آزمائش انتهائي دردناڪ هئي. جڏهن مومل پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو ته راڻو به ان ساڙيل باهه ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو. انهيءَ طرح ٻنهي جو عشق وصال بدران فنا تي ختم ٿيو. ھي سر عورت جي نفسيات جو اھم جز آھي، وقت تي ھو روئي ٿي، پرچائي ٿي، غصو ڪري ٿي، بدعا ڏئي ٿي، اھي سڀ وقتن به وقتن الڳ الڳ اڀرندڙ ڪيفيتون آھن، جن کي صاحب ئي ڪمال شاھ صاحب چٽيو آھي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي تمام گھڻن ماڻھن ڪم ڪيو آھي، پر شاھ خود چوي ٿو اک الٽي ڌار معني مونکي پنھنجي فڪر فھم سان پرکي پار ڪر.
__________________________________
حوالا ....
ڪتاب : شاھ لطيف جو رسالو ڪلياڻ آڏواڻي
ڪتاب شاھ لطيف جو نفسياتي اڀياس ليکڪ ڊاڪٽر احمد سومرو سال 2021 پيڪاڪ پبليڪيشن
ڪتاب: شاھ جون سورميون ليکڪ استاد حيدري چانڊيو
ڪتاب : عورت مرد ۽ فطرت رفعيہ ملاح ڪبير پبليڪيشن ڄامشورو 2005
ڪتاب : مومل راڻو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2019
ڪتاب : شاھ لطيف جا فڪري رخ ليکڪ ڊاڪٽر غفور ميمڻ مرڪ پبليڪيشن
ڪتاب : ڀٽائي ليکڪ انور پيرزادو چپائيندڙ پيرزادو اڪيڊمي سال 2007
مضمون : شاھ لطيف جون رمزون - ليکڪ امرتا نندواڻي لطيف ڊائجيسٽ ۱۹۸۹ شمارو ۲۰۰۰ اپريل
مضمون شاھ لطيف وٽ سوچڻ جي سگھ ڊاڪٽر برڪت ھيراڻي ھزار داستان ۲۰۱۰ جلد ۲۰۴
Michael Richardson, Georges Bataille: Essential Writings, SAGE, 1998, p. 232.
Er***sm Book by Georges Bataille 1957
The Diary of a Young Girl
Book by Anne Frank
Otto Frank". Anne Frank House. 25 September 2018. Archived from the original on 14 April 2019. Retrieved 11 August 2021.