28/08/2026
روحاني رمز ۽ ڀنگ جو ڪونڊو..
شاھ لطيف پنهنجي شاعريء ۾ سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ سنڌ جي قومي نفسيات کي سهيڙي پيش ڪيو.
جيسيتائين شاھ لطيف جوڳين, ڀانن, راڳين, رمتن, ريٻاڙين ۽ سگهڙن جي حوالي هئو تيسيتائين لطيف سچ, سونهن, سڀيتا ۽ سنڌ جي تاريخي سيڪيولر نفسيات ۽ قومي مزاحمت جي علامت هئو پوء شاھ لطيف سنڌي ماسترن جي ور چڙهي ويو جيڪي پنهنجي پي ايڇ ڊيء جي ڊگري وٺڻ لاء لطيف جي شاعريء ۾ روحاني رمزون ڳولهيندا رهيا.
خدا جي ڪا مار پوين کين ڪير سمجهائي ته راء ڏياچ سنڌ ۾ عورتن جي برابريء جو قائل هئو تنهنڪري پنهنجي تخت تي پاڻ سان گڏ سورٺ کي ويهاريندو هئو, عورت جي برابري قديم سنڌ جي قومي نفسيات هئي ان کي سنڌ جو قومي ڪلچر بنائڻ جي بدران توهان سورٺ راء ڏياچ جي روح جي رمز ڳولهڻ لڳا.
سهڻي شادي شده هجڻ جي باوجود زوريء جي نڪاح کي قبول نه ڪيو, پنهنجي مرضيء جي مرد سان جنسي لاڳاپو رکيو, پنهنجي عشق جي تڪميل لاء درياء به پار ڪندي رهي, عورت جي مرضيء جو احترام ڪري زوريء جي شادين جو انڪار ڪرڻ جي بدران توهان سهڻيء جي دلي کي ۽ ميهار جي بانسريء ۾ به روحاني رمز ڳولهڻ لڳا.
سسئي نہ صرف پنھنجي عشق جي حاصلات لاءِ عورت جي مضبوط ارادي جو اھڃاڻ ھئي پر سسئي قديم سنڌ جي ان شاندار قومي روايتن جي عڪاسي ٿي ڪري تہ قديم سنڌ ۾ ھڪ اڪيلي عورت ايتري تہ محفوظ ھئي جو سوين ڪلوميٽرن جو فاصلو پيرين پنڌ بي خوف طئہ ڪندي رھندي ھئي، سنڌ ۾ امن امان ھئو، عورتن جو احترام ھئو، کيس رستي تي ڪنھن ڪتي ٻلي ڪو نہ روڪيو. پر توھان کي سسئيءَ جي پنڌ ۾ بہ رواحاني رمز نظر آئي.
مومل قديم سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار عورت جو داستان آھي تہ سنڌ ۾ ھڪ عورت ايتري تہ آزاد ۽ خودمختيار ھئي جو پنھنجو مڙس پاڻ چونڊيندي ھئي، ھن ڪيترائي شھزادا ٺڪرائي ڇڏيا پر ڪنھن بہ راجا راجڪمار وڏيري مير پير کيس اغوا ڪرڻ، سندس ڪاڪ محل تي حملو ڪرڻ جو نہ سوچيو. مومل سان گڏ سندس ڀيڻ سومل کي ڏسي ڀلي راڻي جي دل ۾ مومل جي ڪاري ھجڻ جو خيال آيو ھجي پر راڻي مومل کي ڪاري ڪري نہ ماريو.
قومي شاعر پنھنجي ڌرتيءَ جي قومي تاريخ سھيڙي پنھنجي ڌرتيءَ جي ماڻھن جي قومي نفسيات جوڙڻ لاءِ کين قومي ڪردار پيش ڪندا آھن جن کي ڏسي قومي جدوجھد شروع ڪري سگهجي پر اسان جي سنگت کي ھر معاملي ۾ عجيب روحاني رمز نظر اچي ٿي جنھن جو سامراجي مقصد ئي اھو آھي تہ سنڌي علم ۽ عقل استعمال ڪرڻ جي بدران سلفيءَ جو سوٽو ۽ ڀنگ جو ڪونڊو ھڻي بس روحاني رمزون ڳولھيندا وتن.
پوءِ انھيءَ روحاني رمز کي سمجھڻ جي لاءِ اسان ملن، پيرن، پنڊتن، ذاڪر، فقيرن ۽ فنڪارن جي ڪڍ لڳي پياسين جن پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ اسان جو دماغ خالي ڪرڻ شروع ڪيو.
سنڌين جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ انھيءَ روحاني رمز جو وڏو ھٿ رھيو آھي، ھر معاملي مسئلي ۾ اسان رڳو روحاني رمز ڳولھيندا وتندا آھيون، نتيجي طور اسان ڌرتيءَ کان ڪٽيل رھيا آھيون ۽ ڌرتيءَ جي معاملن کان بہ ڪٽيل رھون ٿا. سھڻيءَ جي راس ليلا کان وٺي سسئيءَ جي جبل جھاڳڻ تائين سنڌي عورت آزاد خودمختيار ۽ مڪمل طور تي سماجي تحفظ ۾ رھي، اسان انھن داستانن مان سماجي تبديليءَ جو سبق پرائڻ جي بدران سھڻي ميھار کي ڀاڪرن مان ڪڍي روحاني رمز سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڊاڪٽر برڪت نوناري