30/01/2026
ليکڪ شاھزيب ٻگھيو
ھڪ جي سزا ٻئي کي ڇو
ھر دور ۾ ھڪڙي شي غلط ٿيندي رھي آھي پر ان کي اڪثر صحيح تصور ڪيو ويندو آھي ۽ اھا شي آھي ھڪ جي سزا ٻئي کي ڏني ويندي آھي مثال جي طور اگر ڪنهن ھڪ خون ڪيو آھي ته سز سموري خاندان کي ملندي آھي پو قانوني ھجي يا برادري جي پر ملندي سڀني کي آھي پر آخر اھيو ڇو آھي جڏهن قصور ڪنهن ھڪ جو آھي ته سزا به ڪنهن ھڪ کي ملي نه جنهن اھيو خون ڪيو يا جنهن برو عمل ڪيو ھجي پر ائين ناھي جڏهن سماج ۾ ان شي تي نظر وجھجي ٿي ته سڀ ان ڳالھ کي صحيح سمجھن ٿا پر ٿورو سوچڻ گھرجي جيڪو انسان ڪنهن سان غلط ڪري ٿو يا غلط ڪري چڪو آھي يا غلط ڪندو ته ڇا ان کي ڪوئي ٻيو ڪو عمل ڪرائي سگھندو آھي ڇا ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگھي ڇو ته ھر انسان وٽ عقل آھي ھر انسان شعور نٿو رکي پر ھر ڪنهن وٽ سمجھ ته آھي ته صحيح ڇا آھي غلط ڇا ڪجھ وقت کان جيڪڏهن ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ اندر اھڙا ڪيترائي مسئلا آھن جنهن جي نقصان جو سبب ھڪ جي سزا ٻئي کي ملڻ آھي اگر اتر جي طرف نظر وجھون ته جتوئي مھرن جي جھيڙي ۾ ڪيترائي معصون ۽ بي ڏوھي مارجي رھيا آھن ۽ وري سبزوئي چاچڙن جي جھيڙي جي ڳالھ ڪيون ته اھو به ائين ٿي رھيو آھي وري ٻگھين جي پاڻ ۾ جھيڙي جي ڳالھ ڪيون ته اتي به ائين ٿيو آھي ڪجھ ڏينهن اول جي ڳالھ آھي ته ھڪ ڳوٺ مورو جي قريب آھي جيڪو ماڙي ٻگھيو ڳوٺ ملو اسماعيل ٻگھيو جي ڳوٺ جي نالي سان مشھور آھي جتي قتل ڪرڻ جي ڪري ھڪ ڳوٺ جي عورتن کي پامال ڪري گھران کنيو ويو جنهن ۾ ھڪ عورت پيٽ سان پڻ ھئي پر افسوس قانون ۽ سماجي وڏيرن کي ڪير سمجھائي ته خون ٿيڻ جو ڪارڻ پنهنجي بچا ڪرڻ جو سبب ھو ۽ بچا ڪرڻ ڪو ڏوھ ته ناھي جيڪڏهن ڪير ڪنهن تي حملو ڪري ٿو ته ۽ جان مال کي نقصان رسائڻ جي ڪندو ته ضرور اھو انسان پنهنجي تحفظ خاطر وڙھندو ۽ اگر پنهنجي بچائڻ خاطر ڪو دشمن کي ڌڪ ھڻي ته اھيو قانون جي نظر ۾ ڏوھ ته ناھي ھوندو شايد پر خير ڏوھ به ڀلي مڃجي پر سزا ۾ پيٽ سان عورت کي گھلي جيل ڪرڻ جي اجازت قانون ۽ سماج کي ڪنهن ڏني آھي ڏوھ جا ڏوھاري مرد ھجن گھلجي ڪمزور عورت کي سموري گھر کي اھيو ڪھڙو قانون آھي ڳالھ اڃا اتي ختم ناھي ھڪ ڪنوار جيڪا رڪستي ڪري پنهنجي مڙس جي گھر وڃي رھي ھجي ۽ اچانڪ ان جي مڙس تي خون جو ڪيس ڪيو وڃي ته ان عورت کي سڄي زندگي اڀاڳي ھجڻ ڪو لقب ڏنو ويندو آھي ان عورت جي زندگي خراب ڪرڻ وارن کي ڪير سزا ڏيندو يا ھن جي مٿي